علم چهرا شناسي

علم چهرا شناسي

علم چهرا شناسي

علم چهرا شناسي (ڪتاب): هي پنهنجي عقل ۽ علم ذريعي چهرا ڏسي ان جي خاصيت ۽ بيماري سڃاڻڻ بابت ڪتاب حڪيم اعجاز حسين چانڊيي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مصنف پاڻ لکيو آهي. ڪتاب ۾ انسان جي چهري جي مختلف بناوتن، اکين، چپن، نڪ، ڪنن، مٿي، ڄاڙي، کاڏي، قد ۽ جسماني بيهڪ جون خاصيتون بيان ڪيل آهن. جنهن ۾ بناوٽ جي هر انداز جي بنياد تي ان جي مزاج کي بيان ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان پڪي جلد ۾ 170 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران فائين ڪميونيڪيشن حيدرآباد مان 2006ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو